6 مهينن کان استاد بدلي، 60 ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳل

سکر(رپورٽ امداد ڪلوڙ) صلح پٽ لڳ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حسين بخش مڱريو تعلقه روهڙي جو گذريل 6 مهينن کان استاد بدلي ٿي ويو آهي جنهن سبب اسڪول جي 60 شاگردن جو مستقبل داء تي لڳي ويو آهي. استاد جي فور مقرري لاءِ شاگردن ۽ سندن والدين غلام قادر مڱريو، عبدالخالق، طالب حسين، محمد انور، ارشاد علي، غلام حسين مڱريو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي تعليم جي وزير سيد سردار شاھ کان مطالبو ڪيو ته سندن ٻارن جي مستقبل بچائڻ لاءِ فوري اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو