6 ماڙ رهائشي عمارت ڪري تباهه، جاني نقصان نه ٿيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ 6 منزلا عمارت ڪري پئي خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. رنڇوڙ لائين سومرا گلي ۾ 6 منزلا عمار هڪ طرف جهڪي وئي هئي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي انتظاميه عمارت کي خطرناڪ قرار ڏيندي ان ۾ رهندڙ ماڻهن کان خالي ڪرائي ڇڏي هئي عمارت ۾ 25 فليٽ قائم ٿيل هئا. ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ڊيموليشن ٽيم جي انچارج عمارت جو جائزو وٺي ان کي 20 کان 22 ڏينهن اندر ڪيرائڻ جو اعلان ڪيو هو. ڊيموليشن ٽيم جي انچارج عبدالسجاد خان ٻڌايو ته ڪرندڙ عمارت جي منظوري 13 سال پهرين ورتي وئي آهي. هن چيو ته عمارت جا هيٺيان بنياد ختم ٿي چڪا هئا ڊي جي عمارت بابت 3 رڪني ڪميٽي بڻائي آهي. پوليس موجب عمارت جي بجلي ۽ گيس به اڳ ۾ ئي ڪٽي وئي هئي جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان کان بچڻ لاءِ عمارت سان گڏوگڏ ويجهن علائقن کي به سيل ڪيو ويو هو. ايس بي ايس ذريعن جو چوڻ آهي ته فليٽ جي تعمير کان پوءِ ڪمپليشن پلان ۽ اين او سي ملندي آهي اين او سي صرف ان عمارتن کي ملندي آهي جيڪي قانون مطابق هجن. علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ به ان عمارت ۾ باهه لڳي هئي جنهن ڪري بلڊنگ متاثر ٿي هئي ۽ هڪ سال اڳ ان جي مرمت ڪئي وئي هئي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي ۽ ايس بي سي اي انتظاميه کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو