اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اڪثريت راءِ سان سپريم ڪورٽ ۾ 6 مستقل ججن ۽ هڪ ايڊيشنل جج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 8 نون ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري تي غور ڪيو ويو. جڊيشل ڪميسن پاران جاري ڪيل بيان موجب جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي، ان کانسواءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور کي به سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس هاشم ڪاڪڙ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم کي به سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورت جي سينئر جج ميان گل حسن اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ ۾ ايديسنل جج طور مقرري جي منظوري ڏني وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ جو معاملو ملتوي ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪس ڪيسن جي وڌندڙ بار سبب جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي مقرري عمل ۾ آندي وئي. هو هڪ سال لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي پر کيس مستقل جج به ڪري سگهجي ٿو. سندس مقرري آرٽيڪل 181 تحت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن جي ٻن جج ميمبرن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر چيو ته 26 هين آئيني ترميم چيليج ٿيل آهي جيسين ان تي ڪو فيصلو اچي تيسين جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪريو. ڪميشن جي پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ٻن ٻين ميمبرن گوهر علي خان ۽ علي ظفر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سينارٽي طئي ٿيڻ تائين اجلاس ملتوي ڪريو. ان سوال تي ڪميشن ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي ۽ اڪثريت راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته اجلاس جي ڪاروائي جاري رکي وڃي. جنهن تي اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪندڙ ٻئي جج ۽ پي ٽي آءِ جا نمائندا بائيڪاٽ ڪري هليا ويا. ياد رهي ته ان کان اڳ جڊيشل ڪميشن جي ٻائيڪاٽ ڪندڙ ٻنججن سميت 4 ججن چيف جسٽس کي هڪ ڏينهن اڳ خط لکي اجلاس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. جن ۾ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عائشا ملڪ به شامل هئا. اجلاس جي موقعي تي سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، ريڊ زون ۾ صرف مرگلا روڊ کان انٽري جي اجاز هئي باقي سڀ رستا بلاڪ هئا، ميٽرو سروس معطل هئي. وڪيل ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي پي ٽي آءِ جي حامي وڪيلن ان موقعي تي مختلف جاين تي احتجاج ڪندي 26 هين آئيني ترميم ختم ڪرڻ ۽ من پسند ججن جي مقرري تي حڪومت خلاف چتي نعريبازي ڪئي.










