53 ڏوهارين جو سرينڊر، پوليس ۽ ريجنرز پاران تحفا پيش!

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) فوج ۽ پوليس جي آفيسرن جي منظوري بعد 53 ڏوهارين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، رينجرز ۽ پوليس پاران کين ٽوپين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪري قومي ڌارا م شامل ڪيو ويو.

شهباز رينجرز  جي ضلعي ھيڊڪوارٽرڪنڌ ڪوٽ ۾ ان ڏس ۾ ھڪ تقريب ڪوٺائي وئي جنھن۾سيڪٽرانچارج ڪرنل ساجد، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ڏپٽي ڪمشنرمنورعلي مٺياڻي، ڪرنل عامراقبال ۽ ايس ايس پي ڪشمور اسد رضا شاهه  تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ ڪشمور ضلع سان واڳيل 53 ڏوھارين پاران ھٿيار جمع ڪرائي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا. جنکي سيڪٽرانچارج ڪرنل ساجد پاران سنڌي ٽوپي، ڊي آئي جي پاران اجرڪ ۽ ڊي سي ڪشمور پاران پاڪستان جو جهنڊو تحفي طور پيش ڪيو ويو. ھٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ جاگيراڻي، بجاراڻي، تيغاڻي، سبزوئي، چولياڻي، اوڳاھي، سرڪي، جکراڻي ۽ ٻين قبيلن سان واسطو آهي. عبدالمجيد، علي حسن، رزاق، عالم جاگيراڻي، ڪريم بخش اوڳاھي، محمدحسن سرڪي، بخش علي جکراڻي، عطا محمد اوڳاھي، غلام فريدرند، محمدعمرشيخ ۽ ٻيا پڻ شامل آھن.

تقريب جي ڪاروائي ھلائيندي رينجرز82 ونگ ڪمانڊر ڪرنل عامراقبال ٻڌايو ته قومي ڌاري ۾ شامل ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي قتل، ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڪيسن ۾ ملوث رھيا ۽ مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل ھئا. ھن وڌيڪ چيو ته جيڪي جنھن اڄ ھٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿي بھترزندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو ، اسين انھن جي اھڙي فيصلي کي ڀليڪار ڪريون ٿا. کين مڪمل قانوني مدد فراهم ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو