5 کان 12 سالن جي ٻارن لاءِ ڪورونا ويڪسين مهم سڀاڻي کان شروع

5 کان 12 سالن جي ٻارن لاءِ ڪورونا ويڪسين مهم سڀاڻي کان شروع

اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان ۾ 5 کان 12 سالن جي عمر جي ٻارن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائڻ جي مهم جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي.صحت واري اداري طرفان 5 کان 12 سالن جي ٻارن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي اپيل ڪئي وئي. ٻارن کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ ويڪسينيشن ڪرائڻ ضروري آهي. مهم دوران پنجاب، سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ ٻارن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي.19 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ويڪسينيشن مهم 24 سيپٽمبر تائين جاري رهندي. ٻارن کي والدين جي راضپي سان اسڪولن ۾ ويڪسين لڳائي ويندي.والدين ٻارن کي ويجهن ويڪسينيشن سينٽرن تان به ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا.، ٻارن کي به ڪورونا ويڪسين جا 2 ڊوز لڳايا ويندا. ٻئي خوراڪ پهرين خوراڪ جي 21 ڏينهن کان پوءِ لڳائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو