ڪراچي (پ ر ) ڪراچي يونيورسٽي اندر ريزروائر 36 انچ ڊايا لائين ۾ ليڪيجز واري معاملي تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران فوري ايڪشن وٺندي اعلي اختيارين کي هدايتون جاري ڪندي چيو تہ ڪراچي يونيورسٽي اندر ريزروائر 36 انچ ڊايا لائين جي مرمت جو ڪم هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ عملدارن لائين جي مرمت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ترجمان واٽر بورڊ موجب لائين جي مرمت جو ڪم ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جڏھن تہ لائين جي مرمت جو ڪم چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم منصور صديقي جي نگراني ۾ ڪيو پيو وڃي، ترجمان واٽر بورڊ موجب لائين جي مرمتي ڪم سبب اسڪيم 33 ضلعي اوڀر بي سيڪٽر 12، 13، 15، 16، 17، 18، 19، 20، 21 ۽ بلاڪ 2 ۽ بلاڪ 3 ۾ پاڻي جي فراهمي معطل رهندي انڪري شهرين کي گذارش آهي تہ پاڻي احتياط سان استعمال ڪن ۽ پاڻي جو ذخيرو ڪن.










