32 ميمبر  آهيون ڪي ايم سي ۾ اپوزيشن ۾ ويهنداسين:اسد امان

32 ميمبر آهيون ڪي ايم سي ۾ اپوزيشن ۾ ويهنداسين:اسد امان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي ايم سي ڪراچي ۾ پي ٽي آئي جي 32 باغي ميمبرن جي پارليماني ليڊر اسد امان اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو حافظ نعيم کي نه پر پارٽي کي جوابده آهي اسان 32 ميمبرن کي ڪنهن قسم جو ڪو دٻاءُ نه آهي اسان پنهنجي مرضي سان ايوان ۾ نه وياسين خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي اسد امان چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ هيس، آيان ۽ رهندس پي ٽي آئي ۾ ڪرائيدار نه آهيان مالڪ مڪان آهيان هن چيو ته پي ٽي آئي سنڌ جي شوڪاز نوٽيس جو تفصيلي جواب ڏيندس اسان ڪي ايم سي ۾ اپوزيشن بئنچن تي ويهنداسين حافظ نعيم الرحمان کي ووٽ ڇو نه ڏنو ۽ شوڪاز نوٽيس ۾ ٻڌائيندس مون کي شوڪاز نوٽيس به فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ مان مليو آهي هن چيو ته اسان وڪامڻ وارا ناهيون 9 مئي کان پوءِ سمورن ميمبرن تي دٻاءَ آهي ٽن ڏينهن ۾ شوڪاز جو جواب ڏيندس پارٽي فيصلي جو پابند آهيان حافظ نعيم کي ووٽ نه ڏيڻ جا ڪيترائي سبب هئا ڪجهه نادان ماڻهو سمجهن ٿا اسان وڪامجي ويا آهن اهڙي ڪائي ڳالهه نه آهي پي ٽي آئي فارورڊ بلاڪ جي سي سي چيئرمين چيو ته ايوان ۾ وڃي اسان ڀرپور اپوزيشن ڪنداسين اسان حافظ نعيم کي نه پر پارٽي کي جوابده آهيون هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪالهه به مخالفت هئي ۽ آئينده به ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو