30 گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتون ڪرڻ سبب غريب ماروئڙا سخت متاثر،مدد جي اپيل

30 گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتون ڪرڻ سبب غريب ماروئڙا سخت متاثر،مدد جي اپيل

ڪنڌڪوٽ(ن سنڌيار) ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ غلام محمد بنگوار ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب 30 کان وڌيڪ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتون ڪرڻ سبب غريب ماروئڙا سخت متاثر، خبر موجب يونين ڪائونسل ڪمبڙي تعلقه ڪشمور ۾ ڳوٺ غلام محمد بنگوار ۾ ڳوٺاڻن امام الدين ، امام بخش شير محمد قيصر علي يار علي سونا خان غلام نبي مدد علي سان گڏ 30 کان مٿي ڳوٺاڻن جا گهر مڪمل طور تي ڊهي پيا ٻارن ۽ بزرگن کي تيز بخارسان گڏو گڏ الٽيون ۽ دست پڻ ٿيڻ لڳا، مسڪين ڳوٺاڻا پلاسٽڪ جي ڪلين ۾ پنهنجي معصوم ٻارن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ۽ مال مويشي لاء خشڪ جڳھ نه هئڻ ڪري بيمارين جو خدشو پڻ آهي ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان بي يارو مددگار کليل آسمان جي هيٺيون ويٺا آهيون اسان جي مال ۽ فصل جو گهڻو نقصان ٿيو آهي ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي ۽ مختيارڪار ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته اسان جي سار سنڀار لهو اڄ تائين اسان وٽ ڪوبه امدادي ڪم شروع ناهي ٿيو۔۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو