3 سال اڳ فوت ٿيل پي پي اڳواڻ جي عدالتي حڪم تي قبرڪشائي

سترموري(لال بخش سٺيو) شيخ ڀرڪيو ڀرسان پٻڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخشو لغاري  ۾ 3 سال اڳ مبينا طور فوت ٿيل مقامي زميندار ۽ پ پ ورڪر سکيو بروهي جي قبر ڪشائي ڪئي وئي. سينئير سول جج حيدراباد احسن علي انصاري جي سربراهي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم جنهن ۾ پوليس سرجن عاصم خالد، ايڊيشنل ايم ايس ڊاڪٽر سيد قربان علي شاهه،  اسٽنٽ پرفيسر وحيد علي ناهيو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالعزيز سامل هئا، تن جعفر شاه قبربستان پهچي فوتي سکيو بروهي جي قبر ڪشائي ڪئي.  قبر ڪشائي کان اڳ قبرستان کي چئن پاسن کان سيل ڪيو ويو، ڪنهن کي به قبرستان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. ڊي ايس پي هوسڙي علي محمد مغل ايس ايڇ او پٻڻ اي ڊي پنهور، ايس ايڇ او هوسڙي سميت وڏي تعداد ۾ پوليس کي مقرر ڪيو ويو. قبرستان کي ڪڙو چاڙهي سيل ڪيو ويو ڊاڪٽرن جي ٽيم ميجسٽريٽ جي نگراني ۾ فوتي جي جسد خاڪي جا جزا ورتا. ان موقعي تي ڊاڪٽر سيد قربان شاه چيو ته  واقعو 3 سال پراڻو آھي تنهن جي باوجود جزا ورتا ويا آھن جيڪي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويندا جنهن کانپوء خبر پوندي ته  قتل آهي يا نه. جڏهن ته ايس ايڇ او اي ڊي پنهور ٻڌايو ته واقعو پراڻو آهي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، وارثن جو چوڻ آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا آهن وڌيڪ خبر رپورٽ آچڻ بعد پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو