ڪراچي(ويب ڊيسڪ)خميس يا جمعي کان ملڪ ۾ تيز ۽ ڊگھي برسات جو نظام متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.28 اپريل کان 7 مئي تائين ڪراچي کان ڪشمير تائين ڪجهه هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.ان دوران پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي 90 سيڪڙو علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهري ٻوڏ جو به خدشو آهي.موسميات کاتي اڄ ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ تيز هوائن سبب گوادر، پسني ۽ اورماڑه جي سمنڊ ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.موسميات کاتي مهاڻن کي الرٽ جاري ڪندي کين سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










