اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف 26 نومبر ۽ 4 آڪٽوبر جي احتجاجي ڪيسن ۾ غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت عمر ايوب جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواستن کي منظور ڪيو، جڏهن ته اعظم سواتي کي چالان جون ڪاپيون فراهم ڪيون.دهشتگردي ٽوڙ عدالت علي بخاري، شعيب شاهين ۽ ٻين جوابدارن کي سمن نوٽيس جاري ڪيا.استغاثه ٻين جوابدارن جا چالان پڻ جمع ڪرايا آهن جن جي ضمانتن جو اڃا تائين فيصلو نه ٿيو آهي.جج طاهر عباس سپرا چيو ته استغاثه کي ٻڌايو وڃي ته ڇا انهن جوابدارن جا چالان پيش ڪري سگهجن ٿا جن جي ضمانتن جو فيصلو نه ٿيو آهي.جنهن کان پوءِ عدالت ڪوهسار پوليس اسٽيشن ۽ نون پوليس اسٽيشن جي ڪيسن جي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته آبپارا پوليس اسٽيشن ۽ ترنول پوليس اسٽيشن جي ڪيسن جي ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










