احتجاج ڪيس، پي ٽي آءِ جي 153 ڪارڪنن جي ضمانت منظور

احتجاج ڪيس، پي ٽي آءِ جي 153 ڪارڪنن جي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 26 نومبر جي احتجاج سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي 177 ڪارڪنن جي ضمانت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.اي ٽي سي پي ٽي آءِ جي 153 ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪئي جڏهن ته 24 ڪارڪنن جي ضمانت رد ڪئي.عدالت ڪراچي پوليس اسٽيشن ڪمپني ڪيس ۾ 48 مان 43 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي، جڏهن ته 5 جي ضمانت رد ڪئي. ترنول ٿاڻي ۾ 7 جوابدارن مان 2 کي ضمانت ملي ۽ 5 کي رد ڪيو ويو، جڏهن ته آءِ-9 ٿاڻي ۾ 10 جوابدارن مان 9 کي ضمانت ملي ۽ 1 کي رد ڪيو ويو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪوهسار پوليس اسٽيشن ڪيس ۾ 28 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي، جڏهن ته 5 جي ضمانت جي درخواست رد ڪئي وئي. رمنا پوليس اسٽيشن ڪيس ۾ 8 جوابدارن مان 3 کي ضمانت ملي وئي ۽ 5 جوابدارن جون درخواستون رد ڪيون ويون.سيڪريٽريٽ پوليس اسٽيشن ۾ سڀني 25 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي وئي، جڏهن ته مارگلا پوليس اسٽيشن ۾ 45 جوابدارن مان 42 جوابدارن کي ضمانت ڏني وئي ۽ 3 جوابدارن جي ضمانت رد ڪئي وئي، ڪوهسار پوليس اسٽيشن ڪيس ۾ هڪ جوابدار جي ضمانت منظور ڪئي وئي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت سڀني جوابدارن کي 5000 رپين جي ضمانت تي ضمانت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو