25 کان 29 مئي دوران مارچ ٿيندو،عمران جو اعلان

25 کان 29 مئي دوران مارچ ٿيندو،عمران جو اعلان

ملتان (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ دفعو ٻيهر عام چونڊن جو مطالبو ورجائيندي چيو آهي ته 25 کان 29 مئي دوران اسلام آباد مارچ جو اعلان ڪنداسين، هيءَ ايتري ڊڄڻي حڪومت آهي جو پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه واڌائڻ کان ڊڄي رهي آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگي ڪرڻ لاءِ نيشنل ايڪشن سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ چاهن ٿا ته جئين فيصلي جو بار فوج تي پوي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ ڪو به انقلاب ڪامياب ناهي ٿيندو جيستائين ان ۾ نوجوان ۽ عورتون شرڪت ناهن ڪندا، چور ۽ ڌاڙيلن اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو، ذلت جو ڊپ، نوڪري وڃڻ جو خوف وڏن انسانن کي ننڍڙو بڻائي ڇڏيندو آهي، جيستائين اوهان ڊپ جا بت نه ڪرائيندئو، قوم کي عظيم نٿا بڻائي سگهو،پي ٽي آءِ چيئرمين ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته کيس چيو ويو ته سندس حياتي کي خطرو آهي، تنهنڪري ڪارا شيشا هڻايو، پر مرڻ، ذلت، رزق يا نوڪري جو خوف انسان کي ننڍڙو بڻائي ڇڏيندو آهي، جيڪو فوجي موت کان ڊڄندو آهي، ان کي ڪڏهن به تمغو ناهي ملندو.سندس چوڻ هو ته کيس بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ن ليگ وارا جواب ڏين ڪڏهن گدڙ قوم جو ليڊر بڻجي سگهي ٿو، ڪڏهن گدڙ کي به ڪو ليڊر تسليم ڪندو آهي،خطاب دوران هن چيو ته جيڪڏهن آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي ڪرپشن معاف ڪري ڇڏيان هو ته پوءِ اڳوڻي صدر پرويز مشرف وانگر مان به ڪرسي بچائڻ جي ڪوشش ڪريان ها.اڳوڻي وزيراعظم تقرير دوران هن ملتان واسين سوال ڪندي چيو ته ڏکڻ پنجاب مان ايترا لوٽا ڪئين نڪتا؟ آمريڪي سفارتخاني جا ماڻهو لوٽن سان ملڻ شروع ٿي ويا، اتان کان سازش شروع ٿي، اسلام آباد مارچ کان پهريان اڄ منهنجو آخري جلسو آهي، انهن سڀني جو وقت پورو ٿي چڪو آهي، اسلام آباد ۾ عوام جو سمنڊ اچڻ وارو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي قرضي ڪندڙ ملڪ جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهن، لنڊن ۾ ويٺل هڪ شخص ملڪ جا فيصلا ڪري رهيو آهي، ڪڏهن آءِ ايم ايف ڏانهن وڃن ٿا، ڪڏهن لنڊن ڀڄن ٿا، هو پاڻ کي تجربيڪار چون ٿا، هاڻي خبر پئي ته سندس سڄو تجربو ڪرپشن آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ ڪو به انقلاب ڪامياب ناهي ٿيندو جيستائين نوجوان ۽ عورتون شرڪت ناهن ڪندا، چور ۽ ڌاڙيلن اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو، ذلت جو ڊپ، نوڪري وڃڻ جو خوف وڏن انسانن کي ننڍڙو بڻائي ڇڏيندو آهي، جيستائين اوهان ڊپ جا بت نه ڪرائيندئو، قوم کي عظيم نٿا بڻائي سگهو،پي ٽي آءِ چيئرمين ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته کيس چيو ويو ته سندس حياتي کي خطرو آهي، تنهنڪري ڪارا شيشا هڻايو، پر مرڻ، ذلت، رزق يا نوڪري جو خوف انسان کي ننڍڙو بڻائي ڇڏيندو آهي، جيڪو فوجي موت کان ڊڄندو آهي، ان کي ڪڏهن به تمغو ناهي ملندو. سندس چوڻ هو ته کيس بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ن ليگ وارا جواب ڏين ڪڏهن گدڙ قوم جو ليڊر بڻجي سگهي ٿو، ڪڏهن گدڙ کي به ڪو ليڊر تسليم ڪندو آهي، خطاب دوران هن چيو ته جيڪڏهن آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي ڪرپشن معاف ڪري ڇڏيان هو ته پوءِ اڳوڻي صدر پرويز مشرف وانگر مان به ڪرسي بچائڻ جي ڪوشش ڪريان ها. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي تقرير تي اڻوڻدڙ تبصرو ڪيو آهي. ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته کيس سوشل ميڊيا تي ڪنهن مريم نواز جي جلسي ۾ ڪيل تقرير جي ويڊيو موڪلي، ” ان ۾ ايترا ڀيرا ۽ جذبي ۽ جنون سان منهنجو نالو کنيو ويو، کيس چوڻ چاهيان ٿو ته جهڙي ريت هوءَ هر هر منهنجو نالو کڻي رهي آهين ڌيان رک ڪٿي تنهنجو مڙس نه ناراض ٿي پئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان سدائين سوچيندو آهيان ته انهن جي مون تي ايڏي ڪاوڙ ڇو آهي؟ مون کين ڇا ڪيو آهي؟ انهن تي ڪيس ته پراڻا داخل آهن، مقصود پٽيوالي کانسواءِ سمورا ڪيس پراڻا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو