اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي ۾ حمزه شهباز کي وڏي وزير لاءِ ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ جي 25 منحرف ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو،چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن خلاف ريفرنس جو محفوظ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته منحرف ميمبرن کي اتفاق راءِ سان ڊي سيٽ ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن حمزا شهباز شريف کي ووٽ ڏئي انحراف ڪيو. پي ٽي آءِ جي ڪهڙن منحرف ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو؟ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ڊي سيٽ ڪيل پنجاب اسيمبلي جي 25 منحرف ميمبرن جي لسٽ به سامهون اچي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۾ راجا صغير احمد، ملڪ غلام رسول سانگا، سعيد اڪبر خان، محمد اجمل، عليم خان، نذير چوهاڻ، محمد امين ذوالقرنين، ملڪ نعمان لنگريال، محمد سلمان، زوار وڙائچ ،نذير احمد،نزيد احمد خان، فدا حسين، زهرا بتول، محمد طاهر، عائشه نواز، ساجده يوسف، هارون عمران گل، عظميٰ ڪاردار، ملڪ اسد، اعجاز مسيح، سبطين رضا، محسن عطا خان کوسا، ميان خالد محمود، مهر محمد اسلم ۽ فيصل حيات شامل آهن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته هو قوم کي مبارڪباد ڏيڻ چاهين ٿا ته اڄ هن گهڻ رخي سياست جو هڪ ٻيو باب بند ٿي ويو آهي.










