اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 2024ع ۾ خيراتي مينڊيٽ ۽ ڌانڌلي ذريعي پنجاب ۾ حڪومت ۾ آئي. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ ۽ جمهوري نظام جي تسلسل لاءِ بيٺل رهي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو پهرين ڏينهن کان اهو مؤقف آهي ته مسلم ليگ (ن) وٽ عوامي مينڊيٽ ناهي. پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جعلي طريقي سان حڪومت ۾ آئي ۽ هاڻي ساڳئي نموني ڪشمير ۾ به حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿي.اسلام آباد ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ زيادتي برداشت نه ڪندي ۽ عوام جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي. هن مطالبو ڪيو ته جن تڪن ۾ ڌانڌلي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، اتي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن، خاص طور چوڌري ياسين جي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو ۽ پيپلز پارٽي پنهنجو مينڊيٽ چوري ٿيڻ نه ڏيندي، بلڪه ان لاءِ هر قانوني رستو اختيار ڪندي.هن چيو ته خواجه سعد رفيق شهيدن خلاف ڳالهايو، جڏهن ته خواجه آصف ڪشميرين جي توهين ۽ تذليل ڪئي. هن چيو ته خواجه آصف پاڻ چوندو هو ته “ڪا شرم هوندي آهي، ڪا حيا هوندي آهي”، پر اڄ سندس پنهنجي جماعت جا عمل عوام جي سامهون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسلم ليگ (ن) ڌانڌلي ذريعي پنجاب ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، جعلي مينڊيٽ ذريعي مريم نواز وزير اعليٰ بڻي، جڏهن ته مينڊيٽ ڪنهن ٻئي جو هو ۽ اهو سڄي پاڪستان ڏٺو. هن چيو ته نواز شريف به چور دروازي سان اقتدار ۾ آيو هو ۽ مريم نواز به چور دروازي سان آئي آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو رينٽل ايگريمينٽ تي اقتدار ۾ ويٺل آهن، عوامي مينڊيٽ تي نه. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جو مقابلو ڪيو ويندو آهي، پر مان چوان ٿو ته سنڌ به اسان جي آهي ۽ پنجاب به اسان جو آهي. هن چيو ته سنڌ مان پنجابي، اردو، بلوچي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ به چونڊجي اسيمبلين ۾ اچن ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي، اهڙو سڄي پاڪستان ۾ ناهي ٿيو. اسان سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل نٿا ڏسون، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪم نه ٿيو آهي ته پوءِ سڄي پاڪستان مان ماڻهو روزگار ۽ علاج لاءِ ڪراچي ڇو اچن ٿا؟ هن چيو ته اوهان خيراتي مينڊيٽ سان پنجاب ۾ ويٺا آهيو، جڏهن ته سنڌ مان اوهان کي هڪ به سيٽ نه ملي. هن چيو ته هڪ صحافي خرم اقبال مريم نواز جي سلپ آف ٽنگ بابت ٽوئيٽ ڪئي ته کيس گم ڪرايو ويو. هن چيو ته اها آمراڻي سوچ آهي، هڪ صحافي کي رڳو ٽوئيٽ ڪرڻ تي کنيو ويو، جڏهن ته عوامي ووٽن سان ايندڙ حڪمران اهڙو رويو اختيار نٿا ڪن. هن چيو ته برسات جي تباهي بابت هڪ خبر به هلائڻ نه ڏني ويندي آهي ۽ اشتهار بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسلم ليگ (ن) کي جڏهن به حڪومت ملي، ڌانڌلي سان ملي ۽ اها جماعت ڪڏهن به عوامي مينڊيٽ تحت اقتدار ۾ نه آئي. هن چيو ته ملڪ مان ٿيلها ڀري وڃڻ وارن کي ماڻهو ووٽ نٿا ڏين. هن چيو ته سياسي ڪردار جي لحاظ کان پيپلز پارٽي کان وڏي ڪنهن جماعت جي تاريخ ناهي. ملڪ کي آئين پيپلز پارٽي ڏنو، پاڪستان کي ايٽمي طاقت به پيپلز پارٽي بڻايو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني ۽ اسان جي قيادت ملڪ خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪيون، جڏهن ته اهي ماڻهو ڏکئي وقت ۾ ملڪ ڇڏي هليا ويندا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪيترو ڪم ٿيو آهي، ان جو فيصلو سنڌ جا ماڻهو ڪندا. هر چونڊ ۾ پيپلز پارٽي کي اڳ کان وڌيڪ سيٽون مليون ۽ اهو مينڊيٽ عوام جي خدمت سبب مليو. هن چيو ته ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي سڄي پاڪستان ۾ ويندي، اليڪٽرڪ گاڏيون سڀ کان پهرين سنڌ حڪومت آنديون، اوهان پوءِ آنديون. هن چيو ته اوهان صوبن کي برو ڀلو چوندا آهيو ۽ چند سيٽن لاءِ لسانيت جي سياست ڪندا آهيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گلگت ۾ به اسان کي کٽيل سيٽن کان گهٽ سيٽون مليون، جڏهن ته ڪشمير ۾ به ڌانڌلي ڪئي وئي آهي ۽ ان جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته ان جي باوجود پيپلز پارٽي ڪشمير جي چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندي، ميدان نه ڇڏيندي ۽ پنهنجي حق لاءِ هر قانوني رستو اختيار ڪندي. هن چيو ته جيڪڏهن ووٽرن ۽ معصوم ماڻهن کي ماري ڇڏيو وڃي ته ڇا اسان روئون به نه؟ اها اهڙي ذهنيت آهي، جنهن ۾ جيڪو روئي ٿو، ان کي ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي روايت رهي آهي ته جڏهن مشڪل ۾ هوندا آهن ته پيرن ۾ ڪري پوندا آهن ۽ جڏهن مشڪل ۾ نه هوندا آهن ته ڳلو ڦاڙيندا آهن. خيراتي مينڊيٽ وارن جي گلو بٽن ڌانڌلي ڪئي، اهي اقتدار لاءِ هر ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ماڻهن کي قتل بھ ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۾ هڪ ئي سمجهدار شخص وزيراعظم شهباز شريف آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ حڪمراني ڪندڙ پاڻ وزيراعظم خلاف سازشون ڪن ٿا. اسان سوچي سمجهي فيصلو ڪنداسين، تنهن هوندي به پنجاب حڪومت سمجهي وٺي ته اها ڊمي حڪومت آهي. شرجيل انعام چيو ته سي ٽي ڊي ذريعي عدالت کان مٿانھن قتل جا مثال قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن فيصلا پوليس ئي ڪرڻا آهن ته پوءِ عدالتون بند ڪري ڇڏڻ گهرجن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ووٽ نه ڏيندو ته ڇا کيس مارايو ويندو؟ ڇا ڪشمير جا ماڻهو اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏين، جيڪي ملڪ مان ڀڄي وڃن؟ هن چيو ته پيپلز پارٽي هر صورت ۾ پنهنجي ووٽ، پنهنجي مينڊيٽ ۽ عوام جي حق جي تحفظ لاءِ قانوني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکندي.










