ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي شهر ۾ 91 وڌيڪ ماڻهن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي. ڊينگي وائرس بابت قائم ڪيل خصوصي سيل پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ ڊينگي وائرس کان متاثر هڪ وڌيڪ شخص فوت ٿي ويو آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 91 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثر ماڻهن جي تعداد 2866 ٿي وئي آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڊينگي وائرس سبب 11 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. هوڏانهن پنجاب حڪومت۾ قائم ڪيل ڊيگي واري ّصوصي سيل جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ صوبي جي مختلقف اسپتالن ۾ 199 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 119 مريضن کي دوا ڏئي گهر روانو ڪيو ويو ۽ ٻين کي داخل ڪيو ويو. پنجاب ۾ هن مهل تائين 3377 ڊينگي جي مريضن جي نشاندهي ٿي آهي جن مان 2608 کي دوا ڏئي روانو ڪيو ويو. جنوري کان هن مهل تائين پنجاب ۾ 8 مريض فوت ٿيا آهن.










