دريائن ۾ چاڙهه سبب هيٺانهين علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو

دريائن ۾ چاڙهه سبب هيٺانهين علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) 19 کان 23 جولاءِ دوران اڀرندڙ ۽ لهندڙ دريائن توڙي ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ هٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ (شهري ٻوڏ) جو خطرو ظاهر ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته شديد مون سون ۽ الهندي هوان جو طاقتور سلسلو 20 کان 23 جولاءِ تائين گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا، آزاد ڪشمير ۽ بالائي پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي شديد برساتن جو سبب بڻبو، اٿارٽي موجب، گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا، آزاد ڪشمير ۽ اتر بالائي پنجاب ۾ فليش فلڊ (تيز سيلابي ريلن) ۽ جابلو ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي، جڏهن ته چناب درياءَ (مارالا) ۽ جهلم درياءَ (منگلا جي بالائي حصي) ۾ سيلابي ريلن جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو