ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام لاءِ عملي جدوجهد جي شروعات 23 مارچ کان ٿي، اسان جي بزرگن قائداعظم محمد علي جناح جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ڀارت جي بدران پاڪستان کي ترجيح ڏني. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ حقيقي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جي رهنما اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ھن چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتي برادري کي تحفظ ۽ سمورن حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. اقليتي معاملن واري صوبائي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سمورين اقليتن کي پنهنجي عقيدن موجب زندگي گذارڻ جي آزادي حاصل آهي، ھن چيو ته اسان کي پاڪستان جو شهري هجڻ تي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته اقليتي برادري وطن عزيز جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، تعليم، صحت، صنعت ۽ واپار جي شعبن ۾ اقليتي برادري جون خدمتون بي مثال آهن. هن چيو ته اقليتي برادري يوم پاڪستان تي تجديد عهد ڪري ٿي ته هو پاڪستان لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڀرپور حصو وٺندي رهندي.
