شهدادپور (ن س )شھدادپور شاهپور چاڪر ڦاٽڪ وٽ پٽڙي ڪراس ڪندي ڳوٺ جلال نوناري واسي 22 سالا پورهيت نوجوان شھباز نوناري گرين ايڪسپريس ٽرين جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پيو.زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. شھباز نوناري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانئجي وئي.واقعي بابت پوليس پاران وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي.










