پهريون ڀيرو مرد اداڪارن جي برابر معاوضو ڏنو ويو:چوپڙا

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته 22 سالن ۾ پهريون ڀيرو کيس مرد اداڪارن جي برابر معاوضو ڏنو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب هڪ شو ۾ ڳالهائيندي پريانڪا چوپڙا چيو ته نئين ويب سيريز ’سيٽيڊل‘ کي سندس ڪو اسٽار رچرڊ ميڊن جيترو ئي معاوضو ڏنو ويو هو.پريانڪا چوپڙا چيو ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڏکيائي ٿي سگهي ٿي، مان 22 سالن کان تفريحي صنعت ۾ ڪم ڪري رهي آهيان ۽ مون 70 کان وڌيڪ فلمون ۽ 2 ٽي وي شوز ڪيا آهن.پر جڏهن مون ويب سيريز ’سيٽيڊل‘ ۾ ڪم ڪيو ته اهو منهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو هو جو مون کي برابر معاوضو ڏنو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب فلم ”سيٽيڊل“ جو ٽريلر پهرين مارچ تي رليز ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان جون پهرين 2 قسطون 28 اپريل تي نشر ڪيون وينديون.ايڪشن سان ڀريل ٿرلر ويب سيريز ۾ رچرڊ ميڊن پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو