2025 تائين اجنبي مخلوق بابت معلومات ملي ويندي، ناسا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)خلائي تحقيقاتي اداري ناسا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هو 2025 تائين اجنبي مخلوق بابت پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. ناسا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال مريخ، مشتري ۽ زحل تي تجرباتي مشن موڪلڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي ۽ انهن سيارن تان پهاڙن ، مٽي ۽ سمنڊن جا نمونا حاصل ڪري انهن جو تجزيو ڪيو ويندو.

ناسا جو چوڻ آهي ته “ايڪسٽرا ٽيريسٽيريل” يعني اي ٽي جو ٽرم هن وقت تائين ته سائنسي موويز تائين محدود رهيو پر ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اهو ٽرم زبان زد عام هوندو ڇو ته ناسا جي تحقيق جو فوڪس ان تي آهي. ناسا جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هو ايندڙ  ڏهاڪي ۾ ڌرتي کانسواءِ ٻين سيارن تي زندگي جو پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ۽ انهن سيارن تي رهندڙ اجنبي مخلوق جي به ڄاڻ حاصل ڪري وٺندا. مريخ تي 2021 ۾ مشن لينڊ ڪندو. ناسا پنهنجي خلائي مشنز ۽ تيار ڪيل خصوصي ٽيليسڪوپ ذريعي اجنبي مخلوق جي موجودگي بابت پتو لڳائي رهيو آهي ۽ اميد آهي ته 2025 تائين ان سلسلي ۾ اهم پيش رفت سامهون ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو