2024ع ۾ هزارين اسٽريٽ ڪرمنلز جي بري ٿيڻ جو انڪساف

2024ع ۾ هزارين اسٽريٽ ڪرمنلز جي بري ٿيڻ جو انڪساف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سال 2024ع ۾پڪڙيل هزارين اسٽريٽ ڪرمنلز کي سزائون نه ٿيڻ ۽ عدالت مان باعزت بري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ مطابق ڪمزور تپتيش ۽ اڻپورن ثبوتن سبب هزارين اسٽريٽ ڪرمنلز آزاد ڪيا ويا، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2024ع ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي 4571 ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو ويو، 5 ضلعي عدالتن ۾ رڳو 71 ڪيسن ۾ ئي پراسيڪيوشن الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، ثبوتن جي نه هجڻ تي عدالتن 4500 جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، رپورٽ مطابق جوابدارن جي آزادي جو تناسب 2.5 سيڪڙو ۽ سزائن جو تناسب رڳو 8.5 سيڪڙو هو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويوته 2024ع ۾ ڏکڻ ضلعي عدالتن 527 ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو، جن مان صرف 14 جوابدار کي سزائون ٿيون، جڏهن ته 513 جوابدار باعزت بري ٿيا، ڪراچي جي اوڀر ضلعي جي عدالتن 1609 ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو، جن مان صرف 37 ڪيسن ۾ سزائون ٿيون، جڏهن ته 1572 جوابدار آزاد ٿيا، اولهه ضلعي جي عدالتن مان 318 ڪيسن جو فصلو ٻڌايو ويو ۽ رڳو 5 ڪيسن ۾ ئي جوابدارن کي سزائون ٿي سگهيون ۽ 313 آزاد ڪيا ويا، اهڙي طرح سينٽرل ضلعي جي عدالتن 717 ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو، جتان رڳو 17 ڪيسن ۾ ئي سزائون ٻڌايو ويون ۽ 700 جوابدار آزاد ٿيا، ملير ضلعي جي عدالتن سڀ کان وڌيڪ 14 سئو ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو ۽ رڳو 8 ڪيسن ۾ ئي جوابدارن کي سزائون ٿي سگهيون، جڏهن ته 1392 جوابدار باعزت بري ٿيا، رپورٽ مطابق عدلتن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا لڳ ڀڳ 3 هزار ڪيس پيا آهن، جن جو فيصلو اڃان ٿيڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو