اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جي پرسنل اسٽاف جي حج بابت خبرن تي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم مذهبي معاملن واري وزارت جي 200 اهلڪارن جي حج تي وڃڻ واري مفتي عبدالشکور جي رپورٽن تي مذهبي معاملن واري وزارت کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم جي فوڪل پرسن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت جو ڪجهه عملو حاجين جي مدد لاءِ ويو پر خبر مختلف تاثر ڏئي رهي آهي.










