2  ڇوڪرن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ڀنگ طلب

2 ڇوڪرن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ڀنگ طلب

جيڪب آباد (ن س) هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل 2 ڇوڪرن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ڌاريلن جو هڪ دفعو ٻيهر وارثن سان رابطو 80 لک ڀنگ گهريو ويو، خبر موجب جيڪب آباد جي تعلقي ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ فتح محمد بنگلاڻي مان هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل ٻن ڇوڪرن نادر بنگلاڻي ۽ قدير بنگلاڻي کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪ آهي، ٻارن کي اغوا ڪندڙ ڌاريلن هڪ دفعو ٻيهر وارثن کان ٽيليفون تي مغوين کي ڇڏڻ لاءِ 80 لک روپيا ڀنگ گهريو آهي، وارثن سان ڳالهائيندي مغوي نادر بنگلاڻي روئيندي وارثن کي ٻڌايو ته هتي اسان تي تشدد ڪيو وڇي ٿو، انهن کي ڀنگ جي رقم ڏئي اسان کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻئي پاسي مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان غريب آهيون ڀنگ جي رقم نٿا ڏئي سگهون، هنن گهر ڪئي ته اسان جي ٻارڙن کي آزاد ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو