پنجاب چونڊون، فنڊ پارليامينٽ جي منظوري سان مشروط

پنجاب چونڊون، فنڊ پارليامينٽ جي منظوري سان مشروط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهڻ کانپوءِ ختم ٿي ويو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وڊيو لنڪ تي ٿيو، جڏهن ته ڪابينا جي اڪثر ميمبرن به وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي وزير رياض پيرزاده، ساجد طوري، وزيراعظم جو صلاحڪار امير مقام، هائوسنگ واري وزير مولانا عبدالواسع، مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي شرڪت ڪئي.ذريعن موجب ماڊل ٽائون لاهور مان وفاقي وزيرن سردار اياز صادق، سعد رفيق ۽ ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن شرڪت ڪئي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومتي قانوني ٽيم به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پنجاب اليڪشن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي فنڊ ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت به فيصلو ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ صدر کي واپس سپريم ڪورٽ موڪلڻ تي به غور ويچار ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پنجاب اليڪشن لاءِ فنڊز جي منظوري نه ٿي سگهي.وفاقي ڪابينا پنجاب اليڪشن فنڊز جو معاملو قومي اسيمبلي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ فنڊن جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي.سپريم ڪورٽ ناڻي واري وزارت کي اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا ڏيڻ جو حڪم ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي 11 اپريل تائين رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو