سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) گمبٽ شهر مان 2 ڀينرون مبينا طور اغوا ٿي ويون، ابو خالد ڪالوني واسي اعجاز علي ناريجو ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته 18 ورهين جي رضوانه ۽ سندس ڀيڻ 6 ورهين جي اربيلي خاتون کي 6 هٿياربند گهر مان هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري 5 تولا سون ۽ 5 لک روڪ رقم پڻ کڻي ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اياز عرف امتو، سندس ڀاءُ فياض پٽ محمد پنجل ناريجو، اشفاق عرف اشو ۽ 3 نامعلوم جوابدارن نياڻين کي اغوا ڪري ويا. اعجاز علي ناريجو گهر ڪئي ته ٻن نياڻين کي اغوا ڪندڙن ڄاڻايل جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايچ او گمبٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ناري گهران پيار پرڻي لاءِ نڪري وئي آهي، ٻارڙي اغوا ناهي ٿي نه ئي پئسا يا سون چوري ٿيو آهي. هن چيو ته وارث ٻئي ٻارڙي جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين پيا جيڪو نه ڪبو آهي. ناري جي وارثن سان انصاف ٿيندو ناري جي اغوا جي وارث ڪيس داخل ڪرائين ته ڪندس.ڪنهن سان به ناجائزي نه ڪندس.










