عمر ڪوٽ (ن سنڌيار) سنڌ جي ناليواري پامسٽ ۽ ايسٽرولاجر ڀڳوانداس جٽيا چيو آهي ته الف، آ، ع، ل ۽ چ حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن لاءِ جي طالع ۾ 3 نحس ستارا داخل ٿي رهيا آهن، جنهن سبب کين انتهائي محتاط رهڻو پوندو. روزاني سنڌيار سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اهي نحس ستارا 15 اپريل کان 15 جون تائين مٿي ڄاڻايل حرفن جي نالن وارن ماڻهن جي طالع ۾ رهندا. ان دوران هو ذهني خلفشار جو شڪار رهندا، اندروني ۽ بيروني طور ڇڪتاڻ جو گهڻو خدشو آهي، ان ڪري هو دوستن، باس، يا گهروارن سان الجهڻ، بحث ۽ تڪرار کان پاسو ڪن. ان عرصي دوران مٿي ڄاڻايل حرفن وارن ماڻهن جي طبيعت ۾ ڪاوڙ، چڙ چڙو پن ۽ عدم برداشت رهندي، ان ڪري ڪمپرومائيز کان ڪم وٺڻ گهرجي. هندي ايسٽرولاجي جي لال ڪتاب آڌار تي ڪيل سندس پيشنگوئي ۾ هن ڄاڻايل حرفن جي نالن وارن کي صلاح ڏني آهي ته هو اڱاري تي ڳاڙهي رنگ واري ڪنهن به شئي جو صدقو ڏيڻ بهتر رهندو. ڀلي اها کائڻ جي شئي هجي يا ڪپڙو وِغيره به ڏئي سگهجي ٿو.










