لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ توشه خاني جو 1947ع کان 2001ع تائين جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ 1990ع کان 2001ع تائين جي توشه خاني تحفن جو رڪارڊ عام ڪرڻ واري فيصلي خلاف حڪومتي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.ڊپٽي اٽارني جنرل نصر احمد چيو ته توشه خاني جو 1947ع کان 1990ع تائين جو رڪارڊ موجود ناهي، جڏهن ته عدالت چيو ته پهرين حڪم تي عمل ڪيو وڃي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ان دور جو رڪارڊ نه رکيو ويو، هي رياست جا اثاثا آهن، اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته رڪارڊ ناهي، هضم نه ٿيڻ جوڳي ڳالهه آهي ته رڪارڊ ناهي، ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته هو پڻ حيران ٿي ويو لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ چيو ته بل راتو رات پاس ٿي ويندا آهن، جيڪي بل پاس ٿيڻ گهرجن اهي ناهن ٿيندا. ايندڙ نسل لاءِ ڇا ڇڏي ويو، پهرين نسل پاڪستان ٺاهيو پر ٻئي نسل ڪجهه نه ڪيو، ٻارن کي ڇا ڏيو.عدالت چيو ته اهو سڄي قوم جو معاملو آهي، 1947ع کان 2001ع تائين جو توشه خاني جو رڪارڊ آڻيو، ٻي صورت ۾ ان وقت کان وٺي هن وقت تائين جي سمورن آفيسرن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، چاهي اهي آفيسر رٽائر به ٿيا هجن.لاهور هاءِ ڪورٽ توشه خاني جو سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حڪومتي اپيل تي ٻڌڻي مئي جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










