اسلام آباد (بيورو رپورٽ)احتساب عدالت پاران 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ سزائن خلاف اپيلن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي جي اپيلن جي ٻڌڻي 30 اپريل تي مقرر ڪئي آهي.قائم مقام چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس زال کي ڏنل سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪندا.










