190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي جلد ڪرڻ جون درخواستون منظور

190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي جلد ڪرڻ جون درخواستون منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ جلد ٻڌڻي لاءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.ان موقعي تي عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر عدالت ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪيس ايندڙ هفتي شيڊول نه ٿيو ته پوءِ هي سڄو عمل بيڪار آهي.ياد رهي ته بئريسٽر سلمان صفدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو