اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن کي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب جي خاص پراسيڪيوٽر جي غير موجودگي سبب پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين بغير ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي.خيبرپختونخواه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ جي باني جون ڀينرون عدالت جي ڪمري ۾ موجود هيون.درخواستگذارن جي طرفان بئريسٽر سلمان صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو.سلمان صفدر چيو ته هن هن عدالت سان 10 کان 15 ڀيرا رابطو ڪيو پر ڪڏهن به امن امان جي صورتحال نه هئي.










