اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيئرمين جي گهر واري بشرا بي بي جي 19 ڪروڙ پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ 4 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ بشرا بي بي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.درخواست تي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي.احتساب عدالت بشرا بي بي جي 5 لکن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشرا بي بي گاڏي مان هيٺ لهي احتساب عدالت پهتي ۽ عدالت ۾ حاضري کانپوءِ واپس گاڏي ۾ ويٺي.نيب جي طلبي جي نوٽيس تي بشرا بي بي جي وڪيلن ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي.










