190 ملين پائونڊ ريفرنس آخري مرحلي ۾ داخل

190 ملين پائونڊ ريفرنس آخري مرحلي ۾ داخل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي.احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد رانا اڄ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندو، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي کي عدالت روم ۾ پيش ڪيو ويندو.وڪيل صفائي اڄ نيب جي آخري شاهد ميان عمر نديم تي جرح مڪمل ڪندا.پي ٽي آءِ باني ظهير عباس چوڌري، عثمان رياض گل ۽ خالد يوسف چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيندا.نيب جي ٽيم پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي جي سربراهي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيندي.نيب ريفرنس ۾ ڪل 59 شاهدن مان 24 شاهدن کي آجو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ريفرنس ۾ 35 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 34 تي جرح مڪمل ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو