190 ملين پائونڊ ڪيس،فرد جرم جي ڪاروائي ملتوي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ريفرنس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي باني جي گهرواري جي ملاقات جي درخواست منظور ڪئي وئي.ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ڪئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو باني ۽ بشرا بي بي عدالت ۾ پيش ٿيا.پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي وڪيلن ريفرنس جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته باني پي ٽي آءِ جي ڏندن جي طبي معائني جي به درخواست داخل ڪئي وئي.بعد ۾ عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 27 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو