ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18 آڪٽوبر 2007 جو ڏينهن قوم جي روح ۾ هميشه لاءِ نقش ٿي ويو آهي، ڪارساز سانحي جي 18 هين ڏهاڙي تي بلاول ڀٽو شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو وطن واپسي تي تاريخي استقبال ڪيو، هن چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن 180 بهادر شهيدن هڪ جمهوري پاڪستان جي خواب لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، آمريت ۽ دهشتگردي گڏجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي خوفناڪ حملو ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جن ماڻهن بينظير جي قافلي تي حملو ڪيو اهي جمهوريت جي روشني کي وسائڻ چاهين پيا، پر اسان جي شهيدن جي رت ان کي وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيو،هن اهو به چيو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڪارساز جي شهيدن جي مشن کي اڳتي وڌائينداسين.
محترمه بينظير ڀٽو ڪارساز سانحي کانپوءِ به پنهنجي مشن تي قائم رهي : صدر آصف علي زرداري
صدر آصف علي زرداري ڪارساز سانحي جي ورسي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ جمهوريت جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ڪارساز سانحي جي ارڙهين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته محترمه بينظير ڀٽو واضح خطرن باوجود واپس آئي. سندس چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو ڪارساز سانحي کانپوءِ به پنهنجي مشن تي قائم رهي.صدر مملڪت چيو ته محترمه بينظير ڀٽو زخمين جي عيادت ۽ وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. آصف علي زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۽ قرباني اڄ به رهنمائي جو ذريعو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف سندن جدوجهد شهيدن جي قربانين سان مڪمل ٿئي ٿي.
ڪارساز سانحي وارو هنڌ ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ خوني جدوجهد جو شاهد آهي : آصفه ڀٽو زرداري
خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪارساز سانحي وارو هنڌ ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ خوني جدوجهد جو شاهد آهي، ڪارساز وٽ بزدل دشمن جمهوريت تي حملو ڪيو، پر هو جمهوريت جي سفر کي روڪي نه سگهيا. ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ارڙهين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي ايئرپورٽ کان محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ نڪرندڙ قافلو هڪ تاريخ ساز لمحو بڻجي ويو.سندس چوڻ هو ته 18 آڪٽوبر تي اوڀر جي نياڻي کي نشانو بڻايو ويو، پر سندس وفادار ساٿين پنهنجي قائم کي بچائڻ لاءِ جانين جي قرباني ڏئي ڇڏي. خاتون اول ۽ قومي اسيمبيليءَ جي ميمبر چيو ته ڪارساز ۾ ڪارڪنن جي پهرين صف شهيد ٿي ته ٻي اڳتي وڌي ۽ 180کان وڌيڪ ڪارڪنن شهادت ماڻي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته عزم، همت ۽ قرباني جا اهڙا لازوال داستان سڄي دنيا جي جمهوري تحريڪن لاءِ مشعل راهه آهن. هن چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ويون، هنن جمهوريت جي هن جدوجهد ۾ جرئت جو ٻج پوکيو. خاتون اول ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدين جي جرئت جو پوکيل ٻج اڄ به هر تحريڪ ۾ گل بڻجي مهڪي رهيو آهي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته شهيدن جي رت سندن رستي کي اونداهو نه پر روشن ڪيو آهي، جيستائين ملڪ جو هر شهري آزاد ۽ برابر نه ٿي ويندو، هو جمهوريت جي شهيدن جي رستي کي اڳتي وڌائيندا رهندا.
18 آڪٽوبر 2007ع تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو جمهوري جدوجهد تي وڏو وار هو : مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 18 آڪٽوبر 2007ع تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو جمهوري جدوجهد تي وڏو وار هو، 150 کان وڌيڪ جيالن جانين جو نذرانو ڏئي ڪري جمهوري جدوجهد کي امر ڪري ڇڏيو، 450 کان وڌيڪ زخمي جيالا به جمهوري جدوجهد ۾ پ پ جي روايتن جا مين آهن. ڪارساز سانحي جي ارڙهين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ مراد علي شاهه چيو ته محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ گذاري. سندس چوڻ هو ته جمهوري جدوجهد ۾ شهيد راڻي شهادت جو رتبو حاصل ڪيو ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جو سج هميشه لاءِ اڀريو. سنڌ جي وڏي وزير شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس شهيد ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيو.مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي جمهوري جدوجهد کي اڳتي وڌايو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز سانحي جي شهيدن جي جدوجهد کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير جي جمهوري جدوجهد جو قائد آهي اها جدوجهد رُڪي ناهي. مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جو هر ڪارڪن جمهوري جدوجهد جو سپاهي آهي.
ڪارساز سانحو انهن قوتن جي ناڪامي جي علامت آهي جيڪي عوام جي آواز کي دٻائڻ چاهين ٿيون: شرجيل ميمڻ
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪارساز سانحي جي ارڙهين ورسي تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته 18 آڪٽوبر 2007ع جو ڏهاڙو پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن پر لازوال باب آهي.ڪارساز سانحي جي ارڙهين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 18 آڪٽوبر 2007ع تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو 8 ورهين جي جلاوطني کانپوءِ وطن واپس آئي، سڄي ملڪ مان لکين جيالا سندس آجيان لاءِ ڪراچي پهتا هئا. سندس چوڻ هو ته قافلي تي دهشتگرد حملي ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن جي شهادت کانپوءِ شهيد بي بي پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ عوام سان گڏ بيٺل رهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪارساز سانحو انهن طاقتن جي ناڪامي جي علامت آهي جيڪي عوام جو آواز دٻائڻ چاهن پيا، پ پ ڪارساز سانحي کانپوءِ به جمهوريت، آئين ۽ عوامي حق حڪمراني جي جدوجهد جاري رکي جيڪا اڄ به پارٽي جو بنياد آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ هميشه عوامي طاقت تي يقين رکي ٿي ۽ جمهوريت جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪارساز سانحي جا شهيد قوم جا هيرو آهن، سندن قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون، هو پاڪستان جي جمهوري تاريخ جي سنهري باب جو حصو آهن.










