18هين آئيني ترميم وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هڪ ميثاق آهي: آصف علي زرداري

18هين آئيني ترميم وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هڪ ميثاق آهي: آصف علي زرداري

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي اڳوني صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هڪ ميثاق آهي 18هين ترميم جي منظوري واري ڏينهن تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ پيپلزپارٽِي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته اڄوڪي ڏينهن آئين کي آمرن طرفان ڪيل ترميمن کان پاڪ ڪيو ويو هو هن چيو ته 18هين آئيني ترميم جا ثمر اچي رهيا آهن جنهن ۾ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ سان وفاق جو مضبوط ٿيڻ شامل اهي هن چيو ته جمهوريت پسند سياسي پارٽين جو 1973 جي آئين تي اعتماد اطمينان جو سبب آهي هن چيو ته آئين ٽوڙيندڙن 1973 جي آئين جي باني کي قتل ڪيو پر آئين کي ختم نه ڪري سگهيا جڏهن ته آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ بينظير ڀٽو شهيد جو خواب هو آصف زرداري چيو ته پارليامينٽ سپريم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو