اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽرز اسلام اباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سي ڊي اي جي سمورن ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو. دهشتگردي جا خطرا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايگل اسڪواڊ اسلام آباد ۾ مقرر ڪري رهيا آهيون.اسلام آباد ۾ سمورا ناڪا ختم ڪري صرف 3 رهڻ ڏينداسين. گهرو وزير چيو ته پهرين جنوري کان سمورن ملڪن جون ويزائون آن لائن هونديون جنهن ۾ چين ۽ افغانستان به شامل آهن. هن ٻڌايو ته 16 فيبروري تي نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪري رهيا آهيون.هن چيوته پيپلز پارٽي سينيٽ ۽ ضمني چونڊ ۾ حصو وٺندي. ڳالهين جا دروازا کليل آهن. هي سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهن هي سمورا ماڻهون بي نقاب ٿيندا










