14مئي تي اليڪشن نه ٿيندي: رانا ثناءُ

14مئي تي اليڪشن نه ٿيندي: رانا ثناءُ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 14 مئي تي چونڊون نه ٿينديون، چونڊون اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ٿينديون.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته راڻا ثناءُ الله چيو ته 2014ع کان ملڪ ۾ فتنو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون باقي اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ بعد عدالت فيصلو ڏنو پر ان تي عمل نه ٿيڻ جا ڪجهه سبب آهن.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيڻ گهرجن.وفاقي وزير چيو ته هو جڏهن حڪومت ۾ هئا تڏهن به روڊن تي هئا، هاڻي جڏهن روڊن تي ايندا ته سندن حالت اڳ کان مختلف هوندي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هي ممي ڊيڊي ڪلچر جا ماڻهو آهن، سوشل ميڊيا تي ئي احتجاج ڪري سگهن ٿا، اهي ماڻهو 6 ڏينهن کان وڌيڪ جيل ۾ نٿا رهي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو