ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي خاص هدايتن تي سي اي او انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسد الله خان جي نگراني ۾ واٽر بورڊ عملدارن 12 ربيع الاول جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا، ان حوالي سان سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ سمورين مسجدن، مدرسن، خانقاهن ۽ درگاهن تي پاڻي جي کوٽ ۽ نيڪالي واري شڪايتن جو خاتمو ڪيو ويو آهي ۽ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي رستن تي گندگي جي شڪايتن کي پڻ ختم ڪيو ويو آهي جڏهن تہ 12 ربيع الاول جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي رستن تي سمورن کليل مين هولز تي رنگ سليب ۽ ڍڪ لڳايا ويا آھن، هن چيو تہ واٽر بورڊ اختياريون انجمن غلامان مصطفيٰ ﷺ پاڪستان سني تحريڪ ۽ اهل سنت والجماعت جي اڳواڻن سان ڀرپور تعاون ڪري رهيون آهن ۽ 12 ربيع الاول جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي واٽر بورڊ جا عملدار جلوس جي رستن تي جيٽنگ ۽ سڪشن مشينن سميت الرٽ رھندا تہ جيئن عاشقان رسول ﷺ ۽ شهرين کي ڪنهن بہ قسم جي تڪليف کي منهن ڏيڻو نہ پوي هن وڌيڪ چيو تہ انچارج هائيڊرينٽ سيل محمد اعظم خان ۽ فوڪل پرسن هائيڊرينٽ سيل شهباز بشير ضلعي، ميونسپل انتظاميا سميت ٻين لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهن، ان موقعي تي سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان چيو تہ 12 ربيع الاول جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي رستن تي بلا معاوضہ واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا ويندا جڏهن تہ فيضان مديني انتظاميا جي درخواست تي کين روزانو ۱۰ بلا معاوضہ واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا پيا وڃن هن چيو تہ ٻين مسجدن، مدرسن، خانقاهن ۽ درگاهن تي بہ مفت واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا پيا وڃن ان کان علاوه ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران عوام جي پيئڻ جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ گهربل واٽر ٽينڪرز پڻ فراهم ڪيا پيا وڃن، هن چيو تہ واٽر بورڊ جا سمورا هائيڊرينٽ سيل انچارجز پنهنجن ضلعن جي مسجد ڪميٽين سان مڪمل رابطي ۾ آهن، سي اي او واٽر بورڊ ۽ سي او او واٽر بورڊ وڌيڪ چيو تہ صوبائي وزير ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ جي خصوصي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي واٽر بورڊ عملدار شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پنهنجا فرائض سرانجام ڏيئي رهيا آهن.










