11 مئي تائين مختلف حصن ۾ گرمي جي لهر جو امڪان

11 مئي تائين مختلف حصن ۾ گرمي جي لهر جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڄ کان 11 مئي تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ سخت گرمي جي لهر جو امڪان آهي.موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته دادو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهره فيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر، سبي، تربت ۽ پنجگور ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 46 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب، ڏکڻ پنجاب، جنهن ۾ ملتان ۽ ڊيرا غازي خان، ۽ ڊيرا اسماعيل خان شامل آهن، ۾ پارو 43 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.ان کان علاوه، پشاور، مردان، صوابي، نوشهره، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ سيالڪوٽ سميت اپر پنجاب ۾ گرمي پد 39 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو.ٻئي طرف، ماهرن شهرين کي صلاح ڏني آهي ته غير ضروري طور تي سج ۾ ٻاهر نه نڪرن ۽ سخت گرمي دوران جيترو ٿي سگهي پاڻي پيئجن.

پهنجو تبصرو موڪليو