11 آگسٽ تائين ملڪ مان اڍائي ارب ڊالرن جو آئوٽ فلو

11 آگسٽ تائين ملڪ مان اڍائي ارب ڊالرن جو آئوٽ فلو

اسلام آباد(بيورو)11 آگسٽ تائين پاڪستان مان اڍائي ارب ڊالرن جو آئوٽ فلو ۽ اڍائي ارب ڊالرن جي آمد ٿي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڊالر پاڪستان ۾ اچي رهيا آهن ۽ رپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي، هن مهيني به درآمدات ڪنٽرول ۾ آهن. چيئرمين ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسي ايشن ملڪ بوسٽن چيو ته جون ۽ جولاءِ جي گهٽ امپورٽ بل رپئي کي وڏو سهارو ڏنو آهي، ڊالر خريد ڪرڻ وارو ڪير به ناهي ۽ ڪير به ناهي. ڊالر وڪڻڻ لاءِ ماڻهن جون قطارون لڳل آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ٿيندي ئي ڊالر 185 کان 190 رپيا ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو