ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ گريڊ 19 هين جي 105 ايسوسيئيٽ پروفيسرن کي گريڊ 20هين ۾ پروفيسر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.

سندن ترقين بابت ڊائريڪٽر ڪاليجز پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. عورت ملازمن جو ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ترقيون ماڻيندڙ 40 عورتون شامل آهن.

جن ۾ سيده رضوانا، غزالا ارشد، ڪرم النساءِ ڀٽو ۽ ٻيا شامل آهن.

جڏهن ته مرد پروفيسرن جو تعداد 65 آهي جن ۾ ارشاد علي عباسي، الطاف حسين عطاري، اتياز احمد سومرو ۽ ٻيا شامل آهن.












مٺي لڳ بنسيڌر جي ڊاڻي ۾ پنجھٺ ٻارن جو مستقبل داع تي لڳل ۽ ڊاڻي ۾ ڪافي مشڪلاتون ـ
پ ر مٺي
مٺي يوسي مالڻھور ويڻا جي ننڍي ڳوٺ جيڪو مٺي کان ڇھ ڪلوميٽر پري آھي اتي اسڪول ن نعڻ ڪري ڪافي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي ڳوٺڀوارن منٽر ۔ تعليم ڊاريڪٽر تعليم ڊي اي او تعليم ٽي اي او صاحب کي درخواستون ڏنيون پر ڪنھن ب ن ٻڌي ۽ ڳوٺ ۾ پاڻي جون مشڪلاتون ڪافي آھن ن رؤڊ جي سھولت موجود آھي اسان ڊي سي ٿرپارڪر صاحب ۽ چيعرمين ضلعي ٿرپارڪر کي درخواستون ڏنيون پر ان تي عمل ڪون پيو ٿعي اسان ڳوٺ وارن جي عرض آھي ت اسان کي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن ت جيعن ڳوٺ وارا صحيح نموني زندگي گذاري سگھن