10 مهينن بعد ٽائون ڪميٽي جو اجلاس، ڪرپشن بابت پڇاڻو، گوڙ

سيٺارجا( سجاد علي ڪٻر) ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن خلاف وارڊ نمبر 7 ۽ 9  ۾ الڳ الڳ 13 هين ڏينهن کان هلندڙ احتجاجي بک هڙتال کان پوءِ سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي ايڪٽنگ چيئرمين کي 10 مهينن کان پوءِ ماهوار اجلاس جي ياد گيري اچي وئي. اجلاس جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ صحافين جي ٽيم ڪائونسل هال ۾ پهتي ته چيئرمين غلام مصطفى لنڊ پنهنجي ڪرسي تان اٿي ڀڄي ويو، جڏهن ته صحافين پاران احتجاجن بائيڪاٽ ڪيو ويو. اجلاس جي ڪاروائي جي آڊيو ۽ ويڊيو رڪارڊنگ ميڊيا وٽ پهچي وئي جنهن ۾ اجلاس دوران ڪائونسلرن مشتاق خاصخيلي، منظور حسين ڪٻر ، اياز سولنگي ، ليڊيز ميمبر غلام سڪينه لنڊ، سيما ظفر ڪائونسل جي اجلاس ۾ سخت احتجاج ڪندي چيو ته سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي ٻن اين آءِ ٽيز مان ڪيترائي ڪم نه ٿيا آهن جڏهن ته ٺيڪيدار من مستيون ڪندي ڳريون ڪميشنون ڏئي پنهنجا بل پاس ڪرائي رهيا آهن، جيڪو عمل انتهائي غير اخلاقي ۽ غير قانوني آهي. هنن بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر کان لکت ۾ ڏنل درخواستون ڏيندي گهر ڪئي آهي ته نومبر 2018 ۾ گهرايل اين آءِ ٽي جي ڪم بابت ڄاڻ ڏيو ته ڪم ڪهڙي ڪنڊيشن تي پهتل آهي ۽ مذڪوره اين آءِ ٽي جي رهيل ڪمن نه ٿيڻ جي وجهه ۽ ٺيڪيدارن ڇونه اهي ڪم ڪيا آهن، نڪتل پئسن جو تفصيل ڏنو وڃي. اپريل 2019 ۾ ٽائون انتظاميه پاران ڪوٺايل اين آءِ ٽي بنا اجلاس ۽ ميمبرن کان پڇڻ بنا ڪنهن جي چوڻ تي ٺاهي وئي آهي، هنن چيو ته بک هڙتالين کي اٿارڻ لاءِ اٽي جي چڪي مالڪ سان گڏجي چيئرمين ۽ ڪجهه ميمبر لالي پاپ ڏئي اٿارڻ لاءِ پلان تيار ڪيو آهي هوڏانهن سيٺارجا جي صحافين شڪيل احمد ڪٻر، علي گل، ظفر علي لنڊ جو چوڻ هيو ته ٽائون ڪاميٽي هڪ عوامي ادارو آهي جتي عوام جي آيل بجيٽ ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان خرچ ٿئي ٿي انهي لاءِ قومي اسمبيلي ، سنڌ اسيمبلي ، ضلعه ڪائونسل ۽ ٽائون ڪاميٽين ۾ به ڪوريج ڪرڻ لاءِ ويندا رهندا آهن ليڪن سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين گذريل 13 ڏينهن کان ٻن هنڌن تي هلندڙ بک هڙتال کان بوکلاهٽ جو شڪار ٿي 10 مهينن کان پوءِ ماهوار اجلاس گهرايو جنهن لاءِ اسان ٽائون ڪائونسل ۾ جيئن ئي پهتاسين ته وائڙائپ جو شڪار بڻيل چيئرمين ڪرسي ڇڏي ڀڄي ويو ته آءُ اجلاس تيسيتائين نه هلائيندس جيسيتائين صحافي ويٺل هوندا جنهن تي اسان احتجاجن بائڪاٽ ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو