10 اپريل تي نظام نه پر چوڪيدارتبديل ٿيا: سراج الحق

10 اپريل تي نظام نه پر چوڪيدارتبديل ٿيا: سراج الحق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته موجوده ۽ گذريل حڪومت ۾ ڪو به فرق ناهي، 10 اپريل تي نظام نه چهرا مٽا ويا هڪ بيان ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته پي ٽي آءِ وٽ ويزن هجي ها ته ساڍن ٽن سالن ۾ ڪجهه ڪري ڏيکاري ها. سندس چوڻ آهي ته ڪالهه به مافيا جي حڪومت هئي، اڄ به اربين ڪمائڻ وارا حڪومت ۾ آهن.سراج الحق مطالبو ڪيو ته حڪومت وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪندي سود جو نظام ختم ڪري.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جو قرض 51 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، ناڻي وارو وزير جيئن ئي آيو ته وڌيڪ قرضن لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو.جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق به چيو ته حڪومت پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه وڌيڪ وڌائڻ لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو