1 ليٽر پيٽرول تي 142.41 رپين جي ليوِي ۽ مختلف مارجنز جي وصولي

1 ليٽر پيٽرول تي 142.41 رپين جي ليوِي ۽ مختلف مارجنز جي وصولي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاران پيٽرول جي قيمت ۾ گھٽتائي باوجود عوام تي ليوِي ۽ مختلف مارجنز جو ڳرو بوجھ برقرار آهي. دستاويزن موجب، هڪ ليٽر پيٽرول جي ايسڪس ريفائنري قيمت (ڪارخاني جي اصل قيمت) 235 رپيا 37 پيسا بڻجي ٿي، جڏهن ته واهپيدارن (عوام) لاءِ پيٽرول جي قيمت 377 رپيا 78 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.سرڪاري دستاويزن مطابق، هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 142 رپيا 41 پيسا ليوِي ۽ ٻيا مختلف مارجنز وصول ڪيا پيا وڃن، ۽ اها ئي وجهه آهي جو عوام تائين مڪمل ريليف منتقل ناهي ٿي سگهيو. پيٽرول تي پيٽروليم ليوِي جي مد ۾ 116 رپيا 08 پيسا في ليٽر وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪلائيميٽ سپورٽ ليوِي (ماحولياتي مدد وارو ٽيڪس) 2 رپيا 50 پيسا في ليٽر لاڳو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو