ڳوٺاڻن جو  بدامني جي واڌ خلاف احتجاج

ڳوٺاڻن جو بدامني جي واڌ خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)گلاب لغاري ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ غلام علي چانڊيو جي رھواسين پاران مسمات شڪيلا چانڊيو دلاور چانڊيو فتح محمد چانڊيو شھباز چانڊيو دلاور چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت گلاب لغاري شھر جي مک پوليس چيڪ پوسٽ وٽ جھيڙي جي ڪيس ۾ گلاب لغاري پوليس کي گهربل جوابدار سرفراز عرف گوگو چانڊيو کي گرفتار ڪري رشوت عيوض ڇڏي ڏيڻ ۽ ڳوٺ غلام علي چانڊيو ۾ مبينا طور سرعام ھلندڙ منشيات جي اڏن خلاف ھڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو ھڻي مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو انهيَ موقعي تي مظاھرين پاران گلاب لغاري پوليس ۽ منشيات خورن خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي سرفراز عرف گوگو چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ ۽ مبينا طور پوليس اھلڪارن علي لغاري ۽ شوڪت لغاري جي سرپرستي ۾ ھلندڙ منشيات جي اڏن کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو انهيَ دوران گلاب لغاري شھر کان ٽنڊو غلام علي چمبڙ ۽ شيخ ڀرڪيو ڏانهن ويندڙ روڊ ھڪ ڪلاڪ تائين مڪمل بند رھڻ ڪري مسافر سخت پريشان ٿي ويا مظاھرين جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي دانھيو ته جھيڙي جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار سرفراز عرف گوگو کي پڪڙي پوليس پوسٽ هنڱورا جي اهلڪار علي لغاري ۽ ٻين حوالي ڪيو پوليس پوسٽ تي ويهاري بعد ۾ پوليس اھلڪارن رشوت عيوض کين ڇڏي ڏنو احتجاج ڪندڙن الزام ھنيو ته جوابدار منشيات فروش ھئڻ ڪري پوليس ڪو به قدم نٿي کڻي اڳواڻن پوليس تي وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته پوليس اھلڪارن شوڪت لغاري ۽ علي لغاري جي تعاون سان ڳوٺ غلام علي چانڊيو ۾ سرعام منشيات جا اڏا ھلن پيا ۽ سندن بدلي جڏهن به ٿيندي آهي ته وڏي سورس استعمال ڪري واپسي پوليس پوسٽ هنڱورا هوٽل تي واپسي ڪرايو اچن ۽منشيات فروشن جي سپورٽر بڻجي عوام کي منشيات جا عادي بڻائيڻ ۾ رڌل آهن مظاهرين وڌيڪ چيو ته مين پڙي چرس آفيم ڪچو شراب ٺرو ڀنگ پوليس اهلڪارن جي آشرواد سان ٿي هلي جيڪي فوري طور تي بند ڪرايا وڃن ھنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته منشيات فروشن خلاف قدم کنيو وڃي ۽ گھربل جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي وڃن ته جئين اعلائقي اندر منشيات تي ڪنٽرول ٿي سگهي اھڙي اطلاع بعد ايس ايڇ او گلاب لغاري مير محمد عباسي پوليس پارٽي سميت مظاھرين وٽ پھچي ڳالهيون ڪيون ۽ ڇڏي ڏنل جوابدار کي اڄ شام تائين گرفتار ڪرڻ ۽ بلدياتي اليڪشن بعد ڳوٺ غلام علي چانڊيو ۽ علي بخش ٽنگڙي مان منشيات جي اڏن کي رينجرز جي مدد سان ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد مظاھرين پاران احتجاج ختم ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو