ڳالهين جي هدايت ناهي ڏني، 14 مئي جو حڪم برقرار

ڳالهين جي هدايت ناهي ڏني، 14 مئي جو حڪم برقرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي 27 اپريل تي ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ پاران ٽن صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم جاري ڪيو ويو آهي. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل عدالت کي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي لاڳاپن بابت آگاهه ڪيو، فاروق نائيڪ چيئرمين سينيٽ جي ڪردار بابت عدالت کي آگاهه ڪيو.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ سياسي پارٽين کي ڳالهين لاءِ ڪا به هدايت ناهي ڏني، سياسي پارٽين طرفان ڳالهيون سندن پنهنجي ڪوشش آهن.سپريم ڪورٽ جو 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم برقرار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو