گھارو ۾ ڳوٺ کي باهه 50 کان وڌيڪ گھر سڙي ويا

گھارو(ن س) گهارو ڀرسان حاجي محمد علي جوکيو ڳوٺ ۾ چلهه مان اڏريل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي. تيز هوا ڏسندي ئي ڏسندي ڪکاون گهرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي 50 کان وڌيڪ ڪکاوان گهر ساڙي رک ڪري ڇڏيا. باهه سبب جن ڳوٺاڻن جا گهر سڙي ويا آهن، انهن ۾ محسن، حاجي جکرو ، بيت الله ، شبير، وسند ۽ ٻين جا گهر شامل آهن. متاٽر ڳوٺاڻان سڀ ذات جا جوکيا آهن. ڳوٺاڻن طرفان اطلاع ڏيڻ کانپوءِ انتظاميا رڳو هڪڙي فائربرگيڊ گاڏي موڪلي، جيڪا باهه وسائڻ جي ڪوشش ته ڪري رهي هئي پر هوا سبب باهه تيزيءَ سان ڀرپاسي جي ڪکاون گهرن کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ فائر برگيڊ لاء باگ وسائڻ ممڪن نه رهيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ۾ 200 کان وڌيڪ ڪکاوان گهر آهن، جيڪڏهن وقت سر وڌيڪ فائربرگيڊ گاڏيون موڪليون وڃن ها ته زياده نقصان نه ٿئي ها.هن مهل 200 خاندان کُليل آسمان هيٺ دربدر آهن. ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميه ۽ وس وارن کي فوري مدد جي اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو