باڪو (ويب ڊيسڪ) آفريقي رياست مالي ۾ مقرر گڏيل قومن جي امن مشن دستن تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 4 فوجي اهلڪار مارجي ويا.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آفريقي رياست مالي جي اترين شهر اگيولهوڪ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي دستن تي ڪيترن ئي نامعلوم هٿياربندن حملو ڪري ڏنو. جنهن سبب امن دستن به سخت مزاحمت جو مظاهرو ڪيو. ٻنهي جي وچ ۾ چڪرين جو سلسلو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو.گڏيل قومن جي امن مشن جي دستن جي عورت ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته امن دستن جي قافلي تي حملو ڪندڙن جو انگ 100 کان 120 جي وچ ۾ هو جيڪي جديد هٿيارن سان ليس هئا.جوابي ڪارروائي ۾ 50 کان وڌيڪ حملو ڪندڙ به مارجي ويا. پر اڃان تائين ڪنهن به تنظيم ذميواري قبول نه ڪئي آهي حالانڪه هن علائقي ۾ اهڙي قسم جون ڪارروايون القاعده ۽ داعش سان لاڳاپيل مقامي گروپ ڪندا آهن.واضح رهي ته آفريقي رياست مالي ۾ امن امان جي صورتحال خراب هجڻ سبب گڏيل قومن جا 13 هزار کان وڌيڪ امن فوجي مقرر آهن.










