ميرپور ماٿيلو:(ن س) /ميرپورماٿيلو ۾ شهيد ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش، جاچ آفيسر سراج لاشاري شھيد صحافي قتل ڪيس مان دھشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا. سراج لاشاري نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي رپورٽ پراسيڪيوٽر وٽ جمع ڪرائي ڇڏي. ان موقعي تي جاچ آفيسر سراج لاشاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ جاچ مڪمل ڪري پراسيڪيوٽر کي ڏئي ڇڏي آھي جيڪا پراسيڪيوٽر جي حتمي راءِ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي جاچ دوران 5 جوابدارن کي چالان ڪرڻ جا ثبوت مليا آهن صحافي نصرالله گڏاڻي کي جوابدار اصغر لنڊ ۽ برڪت لنڊ قتل ڪيو آھي جنھن خلاف ثابتيون پڻ مليون آھن.جاچ آفيسر موجب معطل ٿيل ميونسپل چيئرمين شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ عبدالله لنڊ خلاف صحافي کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪرڻ جون ثابتيون مليون آھن جيڪي صحافي جي قتل م سازش ڪرڻ م ملوث قرار ڏنا ويا آھن. هن چيو ته ايم اين اي خالد لنڊ خلاف ڪي به ثبوت ناھن ملي سگھيا تنھنڪري ان کي آجو قرار ڏنو ويو آھي.جاچ آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جي به رپورٽ ڏني وئي آهي وڌيڪ فيصلو عدالت ڪندي ڇو تہ ھي قتل ذاتي دشمني سبب ٿيو آھي.










